اکر ۽ ڀوري راند

اکر ۽ ڀوريءَ راند: ٻار ڪو سڪو يا ڏوڪڙ کڻي پوءِ ٺڪرين پٿرين ماچيسن وغيره سان هيءُ راند ڪن. هڪڙو سڪي کي آڱر ۽ آڱوٺي جي نُونهيءَ تي رکي ڦيري ڏئي اُڇليندو. ٻئي راند رهندڙ کان پڇندو ”تنهنجي اکر يا ڀوري سڪي جي اکرن واري پاسي کي ”اکر“ چون ۽ تصوير واري پاسي کي ”ڀوري“ چون پوءِ واڪ ڏيندڙ جيڪڏهن ”اکر“ چيو ”سڪي جو اهو پاسو پٽ تي سنئون اچي ڪريو ته داءَ ۾ رکيل پهڻيون کڻي وٺندو، نه ته اوتريون سڪي هلائيندڙ کي ڀري ڏيندو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو